پنجل عباسي

پنجل عباسي

عباسي پنجل

عباسي، پنجل: ناميارو نعتيه خوان ۽ شاعر محمد پنجل ولد احمد علي عباسي 1948ع ڌاري ڳوٺ ارباب ڪلهوڙي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ جا پنج درجا تعليم حاصل ڪيائين. هن نعتن کان سواءِ مولود، قصيدا، غزل ۽ ڪافيون لکيون آهن. سندس شاعريءَ جون ڪيتريون ئي چوپڙيون ڇپيل آهن، جن نعتن کي ناميارن نعت خوانن جانڻ فقير، ليمي فقير، محمد حيات ٻرڙي، علي نواز سهڙي ۽ ٻين ڳايو آهي. ان کان سواءِ سندس شاعري انور وسطڙي، محمد قاسم ملاڻي ۽ ٻين فنڪارن ڳائي آهي. سندس آواز ۾ به نعتن هڪ آڊيو البم رڪارڊ ٿيل آهي. پنجل عباسي مزاحمتي شاعري به ڪئي آهي. مارشل لا واري دؤر ۾ هن ڪيترائي مزاحمتي گيت لکيا، جيڪي گهڻا مقبول ويا ۽ ان جي ڪري کيس صعوبتون به سهڻيون پيون. هن جا ڪيترائي مولود توڙي ٻيو ڪلام ريڊيو پاڪستان خيرپور تي رڪارڊ ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو